سنڌ ۾ جوابدار کي 90 ڏينهن تائين حراست ۾ رکڻ وارا رينجرز جا اختيار اڄ ختم ٿي رهيا آهن
سنڌ ۾ جوابدار کي 90 ڏينهن تائين حراست ۾ رکڻ وارا رينجرز جا اختيار اڄ ختم ٿي رهيا آهن، اختيارن ۾ واڌ بابت سمري چيف سيڪريٽري کي اماڻي وئي آهي.
سنڌ ۾ دهشتگردي جي خاتمي واري قانون تحت جوابدارن کي 90 ڏينهن حراست ۾ رکڻ وارا رينجرز جا اختيار اڄ ختم ڪيا پيا وڃن، جڏهن ته گهرن ۾ سرچ آپريشن ۽ ڏوهارين کي گرفتار ڪرڻ وارو اختيار به 14 جولاءِ تائين ختم ٿي ويندا.
ذريعن موجب، صوبي ۾رينجرز جي مقرري وارو مدو به 18 جولاءِ تي ختم ٿي ويندو.
ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته، جيڪڏهن سنڌ سرڪار رينجرز جي مقرري واري مدي ۽ اختيارن ۾ واڌ نه ڪئي ته مختلف ڪيسن ۾رينجرز جي حراست هيٺ سمورا جوابدار پاڻمرادو پوليس حوالي ٿي ويندا.
هوڏانهن گهرو کاتي طرفان رينجرز اختيارن ۾ واڌ بابت سمري چيف سيڪريٽري کي اماڻي وئي آهي.
سمري ۾ چيو ويو آهي ته رينجرز اختيارن ۾ واڌ جو مدو ختم ٿي ويو آهي تنهنڪري ان ۾ ٻيهر واڌ ڪئي وڃي.
ذريعن موجب گهرو کاتي جي موڪليل سمري سي ايم هائوس ڏانهن اماڻي ويندي……