واهي پانڌي ۾کير ٿر جابلو پٽي تي وسڪاري کان پوءِ نئين گاج سميت مختلف نيون وهي آيون آهن

Wahi-Barsat

واهي پانڌي ۾کير ٿر جابلو پٽي تي وسڪاري کان پوءِ نئين گاج سميت مختلف نيون وهي آيون آهن، جنهن سبب رهواسين ۾ خوشي جي لهر ڇائجي وئي آهي.

جابلو پٽي ۾ برسات جي  تيز وسڪاري کانپوءِ نئين گاج، نئين نري، نئين کنڌاني، نئين هليلي، نئين سوري، نئين ڪڪڙاني سميت 7 کان وڌيڪ نيون وهي آيون آهن.

 نئين جي وهي اچڻ سان  کير ٿر ۽ ڪاڇي ۾ ترايون، بند ۽ ٻنا ڀرجي ويا آهن جنهن سبب علائقي واسين ۾ خوشي  جي لهر ڇائجي وئي آهي.

علائقي واسين جو چوڻ آهي ته گذريل ڪيتري عرصي کان ڪاڇو ڏڪار جي  ور چڙهيل هو ۽ برساتن کانپوءِ نيئون وهي اچڻ سبب مال جو چارو پيدا ٿيندو، جنهن سان علائقي ۾ خوشحالي ايندي………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*