سنڌ سرڪار يوم علي جي موقعي تي اڄ چار وڳي کان رات 9 وڳي تائين موبائيل سروس بند رکڻ جو فيصلو ڪيوآهي
سنڌ سرڪار يوم علي جي موقعي تي اڄ چار وڳي کان رات 9 وڳي تائين موبائيل سروس بند رکڻ جو فيصلو ڪيوآهي، سڀاڻي ڪراچي،حيدرآباد ۽ سکر ۾ به موبائيل سروس بند رهندي، جڏهن ته ٻن ڏينهن تائين موٽر سائيڪل جي ٻيلهه سواري تي پابندي پڻ لڳائي وئي آهي.
ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر ۾ يوم علي جي موقعي تي سڪيورٽي خدشن سبب موبائل سروس بند رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
ڪراچي ۾ اڄ چار وڳي کان رات 9 وڳي تائين موبائيل سروس بند رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر ۾ سڀاڻي 9 وڳي کان رات 9 وڳي تائين موبائيل سروس بند رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
ذريعن موجب ، ٽنهي شهرن ۾ سڪيورٽي خدشن سبب سنڌ سرڪار اهڙو فيصلو ڪيو آهي.
سنڌ جي گهرو کاتي حضرت علي عليه السلام جي شهادت جي ڏهاڙي تي ڪراچي سميت مختلف شهرن ۾ اڄ کان ٻن ڏينهن تائين موٽر سائيڪل جي ٻيلهه سواري تي پابندي پڻ لڳائي آهي جڏهن ته جلوسن جي سيڪورٽي لاءِ 10هزار پوليس ۽ رينجرز جا اهلڪار مقرر ڪيا ويندا.
گهرو کاتي پاران جاري ڪيل پريس بيان موجب، حضرت علي عليه السلام جي شهادت جي ڏهاڙي تي ڪراچي، ميرپور خاص، سکر ۽ حيدرآباد ۾ اڄ کان ٻن ڏينهن تائين موٽر سائيڪل جي ٻليهه سواري تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.
گهرو کاتي پاران جاري ڪيل بيان موجب، يوم علي جي سلسلي ۾ ڪراچي ۾ ماتمي جلوس جي نگراني ۽ سڪيورٽي لاءِ رينجرز ۽ پوليس جا 10 هزار کان وڌيڪ اهلڪار مقرر ڪيا ويندا