گمبٽ ۾ قتل ٿي ويل وڪيل صاحب خان ڪناسرو جو 15 جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو

Sukkur-Protest

گمبٽ ۾ قتل ٿي ويل وڪيل صاحب خان ڪناسرو جو 15 جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو، واقعي خلاف وڪيلن پاران سنڌ جي مختلف شهرن ۾ عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ ڪري احتجاجي مظاهرا ڪياويا.

گذريل ڏينهن قتل ٿي ويل سينئر وڪيل صاحب خان ڪناسرو جو سندس پٽ صفدر ڪناسرو جي فرياد تي ابڙا برادري جي 15 جوابدارن خلاف دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو.

سينيئر وڪيل جي قتل خلاف وڪيلن ڪراچي ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ، سٽي ڪورٽ ۽ ملير ڪورٽ ۾ عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ ڪيو ويو ۽ ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي احتجاج رڪارڊ ڪرايو.

خيرپور جي سيشن ڪورٽ، سول ڪورٽ ۽ مختلف تعلقن جي ماتحت عدالت ۾ وڪيلن بائيڪاٽ ڪيو ۽ ڪيسن ۾ پيش نه ٿيا.

سکر ۾ وڪيلن عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ ڪري قربان ڪلهوڙو، راهب ملاڻو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو.

 حيدرآباد ۽ لاڙڪاڻي، گهوٽڪي ۽ ٻين شهرن ۾ به وڪيلن عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪري احتجاجي مظاهرا ڪيا.

احتجاج ڪندڙ وڪيلن جو چوڻ هو ته   سينيئر وڪيل صاحب خان ڪناسرو جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رکيو ويندو……………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*