بلوچستان جي شهر صحبت پور ويجهو اڻڄاتل ماڻهن ڌماڪو ڪري گئس پائيپ لائين کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي

Gas-Blast

بلوچستان جي شهر صحبت پور ويجهو اڻڄاتل ماڻهن  ڌماڪو ڪري گئس پائيپ لائين کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ڪري ڪيترن ئي ڳوٺن کي گئيس جي فراهمي معطل ٿي وئي آهي.

صحبتپور جي شهيد ملڪ ٿاڻي واري حد ۾ نامعلوم هٿياربندن ڌماڪي سان 6 انچ موڪري گئس پائيپ لائين کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي.

ڌماڪي سان گئس پائيپ لائين تباهه ٿيڻ سبب ڪيترن ئي ڳوٺن کي گئس جي فراهمي معطل ٿي وئي آهي.

سئي گيس انتظاميه جو چوڻ آهي ته پائيپ لائين جو مرمتي ڪم جاري آهي…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*