روس ۾ چين جي صدر شيجنپنگ سان ڀارتي وزير اعظم نريندر مودي هڪ اهم ملاقات ڪئي آهي

Narendra-Modi--Chinese-Prem

روس ۾ چين جي صدر شيجنپنگ سان ڀارتي وزير اعظم نريندر مودي هڪ اهم ملاقات ڪئي آهي، جنهن ۾ ٻنهي اڳواڻن گڏيل دلچسپي جي موضوعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، ڀارتي ميڊيا چيو آهي ته ملاقات دوران نريندر مودي چين جي صدر کي اقتصادي راهداري منصوبي تي پنهنجن خدشن کان آگاهه ڪيو.

روس جي شهر اوفا ۾ ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي چيني صدر سان ملاقات ڪئي ، جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي موضوعن ۽ عالمي سياست تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

ڀارتي ميڊيا جي رپورٽ موجب ملاقات ۾ ٻنهي سربراهن وچ ۾ سرحدي تڪرار تي به ڳالهيون ڪيون ويون.

ڀارتي ميڊيا دعويٰ ڪئي ته نريندر مودي اقتصادي راهداري منصوبي بابت پنهنجي خدشن کان پڻ چيني صدر کي آگاهه ڪيو………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*