حضرت علي رضه الله عنه جي شهادت جي ڏهاڙي تي لاهور، ڪوئيٽا، ملتان ۽ ٻين شهرن ۾ ننڍا وڏا جلوس منزل ڏانهن روان دوان آهن

Yom-e-Ali

حضرت علي رضه الله عنه جي شهادت جي ڏهاڙي تي لاهور، ڪوئيٽا، ملتان ۽ ٻين شهرن ۾ ننڍا وڏا جلوس منزل ڏانهن روان دوان آهن، لاهور سميت وڏن شهرن ۾ جلوسن جي رستن تي موبائيل فون جي سروس معطل آهي، جڏهن ته سڪيورٽي جا انتظام پڻ انتهائي سخت ڪيا ويا آهن.

لاهور ۾ مرڪزي ماتمي جلوس نثار حويلي کان برآمد ٿيو، جيڪو پنهنجي مقرري رستن تان ٿيندي ڪربلا گامي شاهه پهچندو، جلوس جي رستي تي سڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا آهن.

جلوسن جي سڪيورٽي لاءِ 4 هزار کان وڌيڪ پوليس اهلڪار سڪيورٽي تي مقرر آهن، جڏهن ته ضرورت پوڻ تي فوج ۽ رينجرز جون به خدمتون حاصل ڪري سگهجن ٿيون.

ملتان مان مرڪزي ماتمي جلوس شانه حيدر بوهڙ والا مان برآمد ٿيو، جيڪو پنهنجي مقرري رستن تان ٿيندي ڪانا شبير ۾ پڄاڻي تي پهچندو.

ٻين شهرن جيان ملتان ۾ به جلوسن جي سڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪندي 3  هزار اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن، جڏهن ته وڏين عمارتن تي ماهر شوٽرز کي به مقرر ڪيو ويو آهي.

حافظ آباد، رحيم يار خان، بهاولنگر ۽ فيصل آباد سميت ٻين ننڍن وڏن شهرن ۾ به ماتمي جلوس روان دوان آهن، جيڪي مقرري رستن کان ٿيندي پڄاڻي تي پهچندا.

حضرت علي رضه جي شهادت واري ڏهاڙي تي بلوچستان جي سمورن ضلعن ۾ موٽر سائيل جي ٻيلهه سواري تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.

سبي جي مختلف علائقن مان ننڍا وڏا جلوس پنهنجي منزل ڏانهن روان دوان آهن، جڏهن ته جلوسن جي سڪيورٽي لاءِ 1500 ايف سي ۽ ليويز اهلڪارن کي مقرر ڪيو ويو آهي………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*