ڪرنسي اسمگلنگ ڪيس ۾ گرفتار ماڊل ايان علي جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ جي 2 رڪني بينچ قائم ڪئي وئي آهي

Ayyan Alli

ڪرنسي اسمگلنگ ڪيس ۾ گرفتار ماڊل ايان علي جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ جي 2 رڪني بينچ قائم  ڪئي وئي آهي، جسٽس انوار الحق ۽ جسٽس ارشد محمود تبسم تي ٻڌل 2 رڪني بينچ ٻڌڻي ڪندي.

ماڊل ايان علي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي هئي ته عدالت سندس ضمانت واري درخواست تي موقف ٻڌڻ کانسواءِ فيصلو ڏنو، ان ڪري نظرثاني ڪئي وڃي.

گذريل ڏينهن لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عبدالسميع درخواست ٻڌڻي لاءِ منظور ڪندي چيف جسٽس کي 2 رڪني بينچ جوڙڻ جي سفارش ڪئي هئي.

سنگل بينچ جي سفارش بعد چيف جسٽس ايان علي جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي لاءِ 2 رڪني بينچ قائم ڪري ڇڏي آهي.

جسٽس انوار الحق ۽ جسٽس ارشد محمود تبسم تي ٻڌل لاهور هاءِ ڪورٽ جي 2 رڪني بينچ ٻڌڻي ڪندي…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*