پاڪستان هاڪي ٽيم جي هيڊ ڪوچ شهناز شيخ ورلڊ هاڪي ليگ ۾ٽيم جي شڪست بابت رپورٽ وزيراعظم پاران جوڙيل ڪميٽي آڏو جمع ڪرائي ڇڏيا آهي

Shehnaz-Shaikh-Hocky

پاڪستان هاڪي ٽيم جي هيڊ ڪوچ شهناز شيخ ورلڊ هاڪي ليگ ۾ٽيم جي شڪست بابت رپورٽ وزيراعظم پاران جوڙيل ڪميٽي آڏو جمع ڪرائي ڇڏيا آهي، جنهن ۾ شڪست جو ڪارڻ رانديگرن جي مالي ۽ نفسياتي مسئلن کي قرار ڏنو ويو آهي.

 وزيراعظم پاران ورلڊ هاڪي ليگ ۾ خراب ڪارڪردگي جو جائزو وٺڻ لاءِ جوڙيل ڪميٽي جو اجلاس اسلام آباد ۾ بين الصوبائي رابطن واري سيڪريٽري اعجاز چوڌري جي سربراهي ۾ ٿيو، جنهن ۾ ڪميٽي ميمبرز خواجه جنيد ۽شهباز سينيئر شرڪت ڪئي.

ڪميٽي آڏو پي ايڇ ايف سيڪريٽري راڻا مجاهد، هاڪي ٽيم جو هيڊ ڪوچ شهناز شيخ ۽ ڪپتان محمد عمران پيش ٿيا.

هاڪي ٽيم جي ڪوچ 14 صفحن تي ٻڌل رپورٽ ڪميٽي آڏو جمع ڪرائي، جنهن ۾ چيو ويو ته120ڏينهن جو پلان ڏنو، جنهن تي عمل نه ٿيو، رانديگرن کي گول ڪرڻ جا ڪيترائي موقعا مليا، پر اهي ضايع ڪيا ويا.

رپورٽ موجب، رانديگر مالي ۽ نفسياتي دٻاءُ سبب ڪارڪردگي نه ڏيکاري سگهيا ۽ ورلڊ هاڪي ليگ ۾ قومي ٽيم رڳو 20 سيڪڙو گول ڪري سگهي.

هاڪي جي هيڊ ڪوچ موجب، مسلسل شڪست سبب قومي ٽيم اولمپڪس لاءِ ڪواليفاءِ نه ڪري سگهي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*