لاهور جي علامه اقبال ٽائون ۾ بينڪ مان ڌاڙي ڪوشش دوران هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 2 بينڪ ملازم مارجي ويا

Lahore-Bank

لاهور  جي علامه اقبال ٽائون ۾ بينڪ مان ڌاڙي ڪوشش دوران هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 2 بينڪ ملازم مارجي ويا، جڏهن ته فائرنگ ۾ هڪ ڦورو پڻ زخمي ٿي پيو، جنهن کي شهرين پڪڙي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.

لاهور ۾ علامه اقبال ٽائون جي ڪريم بلاڪ ۾ موٽرسائيڪل تي سوار 2 هٿياربندن بينڪ ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ته حفاظت لاءِ مقرر سڪيورٽي اهلڪارن کين روڪي ورتو.

مزاحمت تي هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾  بينڪ ۾ ڪم ڪندڙ 2 ملازم مارجي ويا، جن جي سڃاڻپ ناصر ۽ خالد جي نالن سان ڪئي وئي آهي.

سڪيورٽي گارڊ جي فائرنگ ۾ هڪ ڦورو به زخمي ٿي پيو، جنهن کي شهرين پڪڙي پوليس جي حوالي ڪري ڇڏيو،  جڏهن ته سندس ساٿي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.

پوليس جو چوڻ آهي ته فرار ٿي ويل ڦورو کي گرفتار ڪرڻ لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن، سندس زخمي ساٿي جو بيان رڪارڊ ڪرڻ بعد ان کي گرفتار ڪيو ويندو…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*