پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف، وزيراعظم نواز شريف ۽ ناڻي واري وزير اسحاق ڊار سان رابطو ڪري ودِ هولڊنگ ٽيڪس تي واپارين جي خدشن کان آگاهه ڪيو آهي

Shahbaz-Sharif-Ishaqdar-Naw

پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف، وزيراعظم نواز شريف ۽ ناڻي واري وزير اسحاق ڊار سان رابطو ڪري ودِ هولڊنگ ٽيڪس تي واپارين جي خدشن کان آگاهه ڪيو آهي.

وزيراعليٰ هائوس پنجاب جي ترجمان پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب، شهباز شريف ناروي ۾ موجود وزيراعظم نواز شريف ۽ اسلام آباد ۾ موجود ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار سان فون تي رابطو ڪيو.

 شهباز شريف پاران وزيراعظم نواز شريف ۽ ناڻي واري وزير کي ود هولڊنگ ٽيڪس بابت پنجاب جي واپارين جي خدشن کان آگاهه ڪيو.

پجاب جي وڏي وزير چيو ته ملڪ جي ترقيءَ ۾ واپاري برادري ڪرنگهيءَ جي هڏي جي حيثيت رکي ٿي، واپاري برادري جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا وڃن…………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*