سنڌ حڪومت 90 ڏينهن لاءِ جوابدارن کي تحويل ۾ رکڻ بابت رينجرز جي اختيارن ۾ هڪ مهيني جي واڌ ڪري ڇڏي

Rangers_Raid_in_Karachi

سنڌ حڪومت 90 ڏينهن لاءِ جوابدارن کي تحويل ۾ رکڻ بابت رينجرز جي اختيارن ۾ هڪ مهيني جي واڌ ڪري ڇڏي، گهرو کاتي ڪنسينٽ ليٽر وفاقي گهرو کاتي کي اماڻي ڇڏيو آهي، حتمي منظوري سنڌ اسيمبلي مان ورتي ويندي.

90 ڏينهن لاءِ جوابدار کي تحويل ۾ رکڻ واري رينجرز جي اختيارن جو مدو پورو ٿيڻ کان اڳ ئي پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف زرداري وڏي وزير کي هدايت ڪئي ته رينجرز جي اختيارن ۾ واڌ ڪئي وڃي، جنهن کانپوءِ وڏي وزير جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ رينجرز کي مليل اختيارن جي توسيع جي حوالي سان مختلف معاملن جو جائزو ورتو ويو.

اجلاس دوران گورنر سان به مشاورت ڪئي وئي، جنهن کانپوءِ رينجرز کي مليل اختيار هڪ مهيني لاءِ وڌائڻ جي منظوري ڏني وئي.

سنڌ جي گهرو کاتي وڏي وزير جي منظوري کانپوءِ ڪنسينٽ ليٽر وفاقي گهرو وزير کي فيڪس ڪري ڇڏيو.

وفاقي گهرو کاتو اڄ سنڌ ۾ رينجرز کي مليل اختيارن ۾ هڪ مهيني جي توسيع بابت نوٽيفيڪشن جاري ڪندو، جنهن کانپوءِ معاملي جي حتمي منظوري سنڌ اسيمبلي جي اجلاس مان ورتي ويندي.

رينجرز جي سنڌ ۾ قيام وارو مدو به 19 جولاءِ تي پورو ٿي رهيو آهي، جنهن کانپوءِ رينجرز جي سنڌ ۾ قيام واري معاملي بابت ڌار فيصلو بعد ۾ ڪيو ويندو………………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*