سنڌ هاءِ ڪورٽ ايم ڪيو ايم جي کنڀي گم ڪيل 9 ڪارڪنن جي بازيابي لاءِ آءِ جي سنڌ، ڊي جي رينجرز، گهرو سيڪريٽري ۽ ٻين ڌرين کان 23 جولاءِ تائين جواب طلب ڪري ورتو آهي

Sindh-High-Court

سنڌ هاءِ ڪورٽ ايم ڪيو ايم جي کنڀي گم ڪيل 9 ڪارڪنن جي بازيابي لاءِ آءِ جي سنڌ، ڊي جي رينجرز، گهرو سيڪريٽري ۽ ٻين ڌرين کان 23 جولاءِ تائين جواب طلب ڪري ورتو آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ايم ڪيو ايم جي گرفتاري بعد گم ڪيل ڪارڪنن جي بازيابي لاءِ داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿي.

درخواستگذارن جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته متحده ڪارڪنن کي ٻه ۽ چار جولاءِ تي کنڀي گم ڪيو ويو.

درخواستگذارن جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته محمد اسماعيل، جاويد، هاشم، خالد احمد خان، آصف ، عبدالقادر، احمد صديقي، ضياءَ الرحمان ۽ نعيم کي گرفتاري کان پوءِ گم ڪيو ويو آهي.

وڪيل جو چوڻ هو ته متحده ڪارڪنن جي گرفتاري ظاهر ڪئي وڃي.

عدالت درخواستگذارن جو موقف ٻڌڻ کان پوءِ آءِ جي سنڌ،  ڊي جي رينجرز، گهرو سيڪريٽري ۽  ٻين کي نوٽيس جاري ڪندي 23 جولاءِ تائين جواب طلب ڪري ورتو……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*