وزيراعظم نواز شريف ۽ ڀارتي هم منصب نريندر مودي وچ ۾ اهم ملاقات جاري آهي

Nawaz-Modi

وزيراعظم نواز شريف ۽ ڀارتي هم منصب نريندر مودي وچ ۾ اهم ملاقات جاري آهي، جنهن ۾ پاڪ-ڀارت ڇڪتاڻ ختم ڪرڻ سميت سمورن معاملن تي ڳالهيون ڪيون پيون وڃن.

 شنگهائي تنظيم سهڪار جي اجلاس جي موقعي تي روس جي شهر اوفا جي ڪانگريس هال ۾ وزيراعظم نواز شريف ۽ ڀارتي هم منصب ۾ ملاقات جاري آهي، جنهن دوران وزيراعظم جو پرڏيهي معاملن بابت صلاحڪار سرتاج عزيز ۽ طارق فاطمي به شريڪ آهن.

ملاقات جي خواهش ڀارتي هم منصب نريندر مودي خواهش ظاهر ڪئي هئي، جنهن جو وزيراعظم نواز شريف پاران مثبت جواب ڏنو ويو.

ٻنهي وزيراعظمن وچ ۾ ملاقات دوران پاڪ-ڀارت لاڳاپن کي بهتر بڻائڻ، ٻنهي ملڪن ۾ ڳالهيون شروع ڪرڻ ۽ لائين آف ڪنٽرول تي ڇڪتاڻ سميت مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون وينديون.

پاڪ-ڀارت وزيراعظم وچ ۾ ملاقات دوران سياچن، پاڻي ۽ ڪشمير معاملن تي به ڳالهين جو امڪان آهي.

پرڏيهي صلاحڪار سرتاج عزيز جو چوڻ آهي ته ڀارتي وزيراعظم سان سمورن معاملن تي ڳالهيون ڪيون  وينديون.

پاڪ-ڀارت وزيراعظم ملاقات کانپوءِ گڏيل پريس ڪانفرنس پڻ ڪندا…………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*