اڳوڻي پرڏيهي وزير ۽ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شاهه محمود قريشي چيو آهي ته نواز-مودي ملاقات ۾ گرم جوشي نظر نه پئي اچي

Shah-Mahmood-PTI

اڳوڻي پرڏيهي وزير ۽ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شاهه محمود قريشي چيو آهي ته نواز-مودي ملاقات ۾ گرم جوشي نظر نه پئي اچي ، جيڪڏهن ٻنهي وزيراعظمن وچ ۾ملاقات روايتي رهي ته فائدو نه ٿيندو، ٻنهي ملڪن کي لچڪ ڏيکارڻي پوندي.

پاڪ-ڀارت وزيراعظمن جي ملاقات تي رد عمل ظاهر ڪندي شاهه محمود قريشي چيو ته ڀارت هميشه پاڪستان جي اندروني معاملن ۾ مداخلت ڪئي آهي، هندستان کي هاڻي سمجهڻ گهرجي ته هاڻ صورتحال تبديل ٿي چڪي آهي.

هن چيو پاڪستان هميشه ڳالهين جي حمايت ڪئي آهي پر ان کي ڀارت جي رويي تي خدشا آهن، ڳالهين ۾ ڊيڊلاڪ ٻنهي ملڪن جي مفاد ۾ ناهي.

 شاهه محمود قريشي چيو ته  پاڪ-چين اقتصادي راهداري منصوبي سان ڀارت کي نقصان نه ٿيندو پر ان منصوبي سان خطي ۾خوشحالي ايندي، اها ڳالهه ڀارت کي به سمجهڻ گهرجي.

شاهه محمود قريشي جو چوڻ هو ته ڀارت کي رويو تبديل ڪري لچڪ ظاهر ڪرڻ گهرجي، ملاقات روايتي رهي ته ڪو فائدو نه هوندو……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*