روس جي شهر اوفا جي ڪانگريس هال ۾ وزيراعظم نواز شريف ۽ ڀارتي هم منصب وچ ۾ملاقات ٿي، جيڪا مقرر وقت 45 منٽن کان وڌيڪ 55 منٽن تائين جاري رهي

CJhrpQKUMAA7jmX

وزيراعظم نواز شريف، ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي سان ملاقات دوران ڀارتي ڳجهي اداري “را” جون پاڪستان مخالف ڪارروايون بند ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، وزيراعظم چيو آهي ته هندستان را کي لغام ڏئي، پاڪستان کي غير مستحڪم ڪرڻ واريون سازشون ڪامياب نه ٿينديون، ڪشمير مسئلو ٻنهي ملڪن جي گڏجي ويهڻ سان ئي حل ٿيندو.

روس جي شهر اوفا جي ڪانگريس هال ۾ وزيراعظم نواز شريف ۽ ڀارتي هم منصب وچ ۾ملاقات ٿي، جيڪا مقرر وقت  45 منٽن کان وڌيڪ 55 منٽن تائين جاري رهي.

Nawaz-Sharif-Modi-Ufa

 ملاقات دوران پاڪستان پاران وزيراعظم جو قومي سلامتي معاملن بابت صلاحڪار سرتاج عزيز،طارق فاطمي شريڪ هئا، جڏهن ته ڀارتي پرڏيهي سيڪريٽري، ڀارت جي قومي سلامتي معاملن بابت صلاحڪار ۽ ڀارتي پرڏيهي کاتي جي ترجمان پڻ شرڪت ڪئي.

ملاقات دوران پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ ختم ڪرڻ، ڪشمير تڪرار جي نبيري، سياچن ۽ پاڻي معاملن سميت اهم معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون، جڏهن ته ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ لائين آف ڪنٽرول تي جاري ڇڪتاڻ تي به ويچاريو ويو.

ذريعن موجب، وزيراعظم نواز شريف، ڀارتي وزيراعظم آڏو ڀارتي مداخلت جو معاملو اٿاريو ۽ کائنس مطالبو ڪيو ته ڀارتي ڳجهي اداري را جون پاڪستان مخالف ڪارروايون بند ڪيون وڃن.

وزيراعظم نواز شريف چيو ته هندستان را کي لغام ڏئي، پاڪستان کي غير مستحڪم ڪرڻ واري سازشن کي ڪامياب ٿيڻ نه  ڏنو  ويندو.

وزيراعظم وڌيڪ چيو ته پاڪستان، ڀارت سان سمورن تڪرارن جو حل پر امن طريقي سان چاهي ٿو، دهشتگردي ۽ سرحدي معاملا به ڳالهين ذريعي ئي حل ٿي سگهن ٿا.

ذريعن موجب، وزيراعظم نواز شريف ڀارتي فوج پاران ڪشميري عوام تي تشدد وارو معاملو به اٿاريو.

وزيراعظم جو چوڻ هو ته ڪشمير معاملو ڪشميري عوام تي تشدد سان حل نه ٿيندو، ان لاءِ ٻنهي ملڪن کي ڳالهين جي ٽيبل تي ويهڻو پوندو.

ڀارتي ميڊيا موجب، ملاقات دوران ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي پاران ذڪي الرحمان لکوي جي آزادي ۽ پاڪ-چين اقتصادي راهداري منصوبي تي پنهنجي خدشن کان وزيراعظم نواز شريف کي آگاهه ڪيو.

ڀارتي ميڊيا موجب، نريندر مودي نواز شريف سان ٽن نقطن تي ڳالهيون ڪيون، جنهن ۾ سرحد پار دهشتگرد، ذڪي الرحمان لکوي جي آزادي ۽ اقتصادي راهداري منصوبو شامل  آهن.

ڀارتي ميڊيا دعويٰ ڪئي ته پاڪستان وزيراعظم نواز شريف، نريندر مودي جي اقتصادي راهداري منصوبي تي خدشن کي رد ڪري ڇڏيو.

ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته پاڪ-ڀارت وزيراعظمن وچ ۾ ٿيل ملاقات بابت پرڏيهي سيڪريٽريز ڪجهه دير ۾ پريس ڪانفرنس پڻ ڪندا.

واضح رهي ته نريندر مودي جي وزيراعظم ٿيڻ بعد ٻنهي ملڪن جي وزيراعظم وچ ۾ ٽيون ڀيرو ملاقات ٿي آهي.

گذريل سال مئي ۾ وزيراعظم نواز شريف نريندر مودي جي حلف برداري تقريب ۾ شرڪت لاءِ ويو هو، جتي ٻنهي اڳواڻن ۾ ملاقات ٿي هئي، جڏهن ته ٻيو ڀيرو ملاقات نيپال جي گادي واري شهر کٽمنڊو ۾ ٿي هئي.

شنگهائي تنظيم سهڪار جي اجلاس جي موقعي تي هيءَ ٽيون ڀيرو ملاقات ٿي آهي، جيڪا ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جي خواهشن مطابق ٿي آهي…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*