نيمار کي ٽيم جو ڪپتان مقرر ڪرڻ وارو فيصلو ساراهه جوڳو آهي رونالڊو

برازيل جي فٽبال ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ اسٽار فٽبالر رونالڊو چيو آهي ته نيمار کي ٽيم جو ڪپتان مقرر ڪرڻ وارو فيصلو ساراهه جوڳو آهي.

لنڊن ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳوڻي اسٽار فٽبالر رونالڊو چيو ته برازيل جي ٽيم جي ڪوچ ڊونگو جو نيمار کي ٽيم جو ڪپتان مقرره ڪرڻ وارو فيصلو ساراهه جوڳو آهي.

هن چيو ته نيمار نوجوان آهي ۽ ٽيم جي ڪاميابي ۾ تازو هن اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.

سندس وڌيڪ چوڻ هوته ٿياگو سلووا جيترو وقت به ٽيم جي قيادت ڪئي، جنهن دوران ٽيم سٺي ڪارڪردگي جومظاهرو ڪيو پر ورلڊ ڪپ جي سيمي فائنل ۾ شڪست بعد ٽيم تي شديد تنقيد ڪئي وئي.

رونالڊ ڪو وڌيڪ چوڻ هو ته هو هن وقت برازيل جي فٽبال ٽيم يا فيڊريشن جو حصو نه آهي پر هو هڪ برازيلي شهري جي حيصيت سان پنهنجي راءِ ڏئي رهيو آهي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*