خيرپور ويجهو مسافرڪوچ ٽرڪ کي بچائيندي ڪلٽي ٿي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارڙن سميت 12 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا

khairpur map

خيرپور ويجهو مسافرڪوچ ٽرڪ کي بچائيندي ڪلٽي ٿي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارڙن سميت 12 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا.

اڪنامڪ زون خيرپور ويجهو قومي شاهراهه تي ڪراچي کان صادق آباد ويندڙ ڪوچ سامهون ايندڙ ٽرڪ کي بچائيندي ڪلٽي ٿي پئي .

حادثي جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارڙن سميت 12 کان وڌيڪ مسافر سخت زخمي ٿي پيا.

زخمين ۾ ميهر خاتون، عائشا، شهباز علي، مسمات شيزان، ظهران، حق نواز، ساجد علي، شاهينا، علي شهباز ۽ ٻيا شامل آهن.

  حاد ثي جي زخمي  مسافرن کي خيرپور اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي کين طبي امداد فراهم ڪئي وئي، جڏهن ته ڪجهه  مسافرن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي ….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*