دولتپور ويجهو مبينا پوليس مقابلي ۾ ٽن ڏوهارين کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي

Daulatpur-map

دولتپور ويجهو مبينا پوليس مقابلي ۾  ٽن  ڏوهارين کي  زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي، پوليس جو چوڻ آهي جوابدارن وٽان 3 موٽرسائيڪلون ۽ هٿيار هٿ ڪيا آهن.

پوليس مطابق پٻجو ٿاڻي جي حد جمالي ڳوٺ وٽ ڳجهي اطلاع تي پوليس ڇاپو هنيو ته ڏوهارين فائرنگ ڪري ڏني.

 پوليس جو هو ته هٿياربندن سان فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ماجد علي چانڊيو، علي بخش گاڏهي ۽ سومر گاڏهي زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

پوليس  موجب پڪڙيل جوابدارن وٽان ڦر ڪيل ٽي موٽرسائيڪلون، وڏي انگ هٿيار هٿ ڪري ورتا آهن، جوابدرا 20 کان وڌيڪ ڪيسن ۾ گهربل آهن ….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*