بدين جي سول اسپتال ۾ علاج دوران 9 مهينن جي ٻارڙي فوت ٿي وئي

Badin-Hospital

بدين جي سول اسپتال  ۾ علاج دوران 9 مهينن جي ٻارڙي فوت ٿي وئي، وارثن احتجاج ڪندي ڊاڪٽرز تي غفلت جو الزام هنيو آهي.

 سول اسپتال ۾ علاج لاءِ آيل ٻارڙي فهميدا هاليپوٽو علاج دوران فوت ٿي وئي،  وارثن پاران ڊاڪٽرن تي غفلت جو الزام هڻي اسپتال جي گيٽ تي نينگري جو لاش رکي احتجاجي مظاهروڪري درڻو هنيو ويو.

وارثن جو چوڻ آهي ته ڊاڪٽرن جي لاپرواهي سبب نينگري فوت ٿي آهي.

هنن مطالبو ڪيو آهي ته نينگري جي فوتگيءِ جي جاچ ڪرائي وڃي، لاپرواهي ڪندڙ ڊاڪٽرن خلاف سخت ڪاروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي.

اسپتال جي سول سرجن نينگري جي فوتگيءِ جو نوٽيس وٺي انڪوائري جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*