ڪراچي، دادو ۽ گهوٽڪي سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ بجلي لوڊشيڊنگ خلاف شهري رستن ۾ نڪري آيا آهن، اهم شاهراهن تي ڌرڻا هنيا ويا

Karachi-Korangi

ڪراچي، دادو ۽ گهوٽڪي سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ بجلي لوڊشيڊنگ خلاف شهري رستن ۾ نڪري آيا آهن، اهم شاهراهن تي ڌرڻا هنيا ويا.

ڪراچي جي ڀٽائي ڪالوني جي رهواسين ڪورنگي ڪراسنگ روڊ تي اڻ اعلانيل لوڊشيدنگ خلاف ڌرڻو هنيو جنهن سبب ٽريفڪ ڪيترائي ڪلاڪ معطل ٿي وئي.

مڇريل ماڻهن رستن تي پٿر رکي ڌرڻو هڻي ڪي اليڪٽرڪ خلاف نعريبازي ڪئي.

دادو ۾ شهباز ڪالوني جي رهواسين بجلي لوڊشيڊنگ خلاف ريلوي ٽريڪ تي ڌرڻو هنيو.

گهوٽڪي جي شهر قادر پور ۾ بجلي لوڊشيڊنگ خلاف رهواسي روڊن تي نڪري آيا جن سيپڪو خلاف نعريبازي ڪئي.

احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ سندن جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آهي.

هنن چيو ته هٿرادو لوڊشيڊنگ سبب سندن ڪاروبار کي ڪاپاري نقصان پهچي رهيو آهي.

اڳواڻن جو چوڻ هو ته بجلي جي لوڊشيڊنگ ختم ڪري کين تڪليفن کان بچايو وڃي……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*