آزاد ڪشمير جو اڳوڻو صدر عبدالقيوم خان گهڻو وقت بيمار رهڻ کانپوءِ 91 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو

Azad-Kashmir-Abdul-Qayyum

آزاد ڪشمير جو اڳوڻو صدر عبدالقيوم خان گهڻو وقت بيمار رهڻ کانپوءِ 91 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، آزاد ڪشمير حڪومت 3 ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيوآهي.

آزاد ڪمشير جو اڳوڻو صدر عبدالقيوم خان گهڻو وقت بيمار رهڻ بعد 91 ورهين جي ڄمار ۾ راولپنڊي جي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.

عبدالقيوم خان 4 اپريل 1924 ع ۾ آزاد ڪشمير جي ضلعي باغ ۾ پيدا ٿيو ۽ هن 1947ع ۾ سياسي ڪيريئر جي شرعات ڪئي.

عبدالقيوم خان 1956ع ۾ آزاد ڪشمير جو صدر چونڊيو ويو، جڏهن ته هو آزاد ڪشمير جي تحريڪ جو باني پڻ هو.

عبدالقيوم خان جي سڀاڻي آزاد ڪشمير جي شهر غازي آباد ۾ تدفين ڪئي ويندي، جڏهن ته سندس لاڏاڻي تي آزاد ڪشمير حڪومت 3 ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو آهي.

صدر ممنون حسين، آزاد ڪشمير جي اڳوڻي صدر جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*