ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي ايندڙ سال سارڪ ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ پاڪستان جي دوري جي دعوت قبول ڪري ورتي آهي

CJhrpQKUMAA7jmX

 ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي ايندڙ سال سارڪ ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ پاڪستان جي دوري جي دعوت قبول ڪري ورتي آهي،  پاڪ-ڀارت پرڏيهي سيڪريٽريز چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي وزيراعظمن ملاقات دوران هر قسم جي دهشتگردي جي مذمت ڪئي آهي.

پاڪ-ڀارت وزيراعظمن جي ملاقات کانپوءِ ڀارتي پرڏيهي سيڪريٽري ايس جئي شنڪر سان گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي پرڏيهي سيڪريٽري اعزاز چوڌري چيو ته نواز-مودي ملاقات خواشگوار ماحول ۾ ٿي آهي.

هـُن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وزيراعظم هر قسم جي دهشتگردي جي مذمت ڪئي آهي ۽ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي به اتفاق ڪيو آهي.

پرڏيهي سيڪريٽري  چيو ته ٻنهي ملڪن جي وزيراعظم خطي مان هر قسم جي دهشتگردي جي خاتمي جو به عزم ورجايو آهي، ٻئي ملڪ تڪرارن جي خاتمي لاءِ تيار آهن.

ڀارتي پرڏيهي سيڪريٽري ايس جي شنڪر چيو ته ملاقات دوران ممبئي حملن جي جاچ تيز ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي.

ڀارتي پرڏيهي سيڪريٽري چيو ته وزيراعظم نواز شريف پاران ڀارتي هم منصب کي 2016 ۾ پاڪستان ۾ ٿيندڙ سارڪ ڪانفرنس ۾شرڪت جي دعوي ڏني، جيڪا هن قبول ڪري ورتي.

ڀارتي پرڏيهي سيڪريٽري چيو ته ٻنهي ملڪن 15 ڏينهن اندر مهاڻن کي به آزاد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*