وزيراعظم نواز شريف ۽ چيني صدر اقتصادي راهداري منصوبي تي ڪم تيز ڪرڻ تي اتفاق ڪري ورتو آهي

Nawaz-Sharif-Chinese-Presid

وزيراعظم نواز شريف ۽ چيني صدر اقتصادي راهداري منصوبي تي ڪم تيز ڪرڻ تي اتفاق ڪري ورتو آهي، وزيراعظم چيو آهي ته چين سان مضبوطي دوست پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جو اهم حصو آهي، شي چن پنگ  جو چوڻ آهي ته  پاڪستان سان مضبوط لاڳاپا چين جي ايجنڊا ۾ شامل آهن.

روس جي شهر اوفا ۾ وزيراعظم نواز شريف ۽ چين جي صدر شي چن پنگ وچ ۾ملاقات ٿي، جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن ۽ اقتصادي راهداري منصوبي تي ڳالهيون ڪيون ويون.

 ملاقات دوران ڳالهائيندي وزيراعظم نواز شريف چيو ته چين پاڪستان جو بهترين دوست آهي، کيس ٻنهي ملڪن جي دوستي تي فخر آهي.

 هـُن چيو ته  شهنگائي تنظيم سهڪار جي مستقل ميمبر شپ لاءِ پاڪستان چين جي سهڪار جو قدر ڪري ٿو، ان فورم تي موثر انداز ۾ آواز اٿاريو ويندو.

وزيراعظم وڌيڪ چيو ته چين سان مضبوط دوستي پرڏيهي پاليسي جو اهم حصو آهي.

ان موقعي تي ڳالهائيندي چيني صدر شي چن پنگ صدر ممنون حسين کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني.

چيني صدر چيو ته شنگهائي تنظيم سهڪار جو ايندڙ اجلاس بيجنگ ۾ ٿيندو، هـُو   صدر ممنون حسين جي چين جي دوري جا منتظر هوندا.

چيني صدر چيو ته پاڪستان سان دوستي پهرين ترجيح ۾ شامل آهي، اقتصادي راهداري منصوبي تي ڪم تيز ڪيو ويندو……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*