عيد جي موقعي تي لاهور مان ڪراچي لاءِ هلايل ٻي عيد اسپيشل ٽرين رڳو ٻن مسافرن کي کڻي ڪراچي پهتي

عيد جي موقعي تي لاهور مان ڪراچي لاءِ هلايل ٻي عيد اسپيشل ٽرين رڳو ٻن مسافرن کي کڻي ڪراچي پهتي، جنهن ڪري پاڪستان ريلوي کي 15 لک رپين جو خسارو ٿيو آهي، ترجمان ريلويز جو چوڻ آهي ته اها ڪهاڻي هر سال ورجائي ويندي آهي.

لاهور مان ڪراچي لاءِ هلايل عيد اسپيشل ٽرين ست مسافرن کي کڻي ڪراچي لاءِ رواني ٿي، خانيوال جي ٽن ۽ بهاولپور جي ٻن مسافرن لهڻ کانپوءِ رڳو ٻن مسافرن باقي سفر طئي ڪيو.

عيد اسپيشل ٽرين آچر جي صبح جو ڪراچي پهتي پر ڪراچي پهچڻ تائين اُهي ٻه مسافر به ٽرين ۾ سوار نه هئا.

ريلوي عملي جو چوڻ آهي ته لاهور مان ٽرين جيئن ئي رواني ٿي ته اُن ۾ ڪو به مسافر نه هو ۽ نه وري لاهور مان ڪنهن جي ڪراچي لاءِ بُڪنگ ئي هئي، ريلوي عملي موجب بعد ۾ جيئن ٽرين اڳتي وڌندي رهي ته اُن کي ست مسافر نصيب ٿيا، جيڪي به خانيوال تائين پهچندي گهٽجي ويا.

ريل جي خالي هُجڻ تي نه رڳو عملو شرمسار پر مسافر به خوفزده هئا، ڇاڪاڻ ته مسافرن موجب خالي ٽرين کين کائڻ پئي آئي.

ريلوي انتظاميه موجب ٽرين کي لاهور کان ڪراچي تائين هلائڻ تي 15 لک رپيا خرچ اچي ٿو.

پاڪستان ريلوي جي ترجمان چيو آهي ته عيدن تي ٽرينن جو لاهور مان خالي وڃڻ ۽ ڪراچي مان ڀَريو اچڻ پُراڻو معمول آهي…………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*