ملير جي کوکرا پار، ڪورنگي ۽ لي مارڪيٽ ۾ مبينا مقابلن ۾ پوليس لياري گينگ وار جي ٽن ڏهارين سميت 4 جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي

ملير جي کوکرا پار، ڪورنگي ۽  لي مارڪيٽ ۾ مبينا مقابلن ۾ پوليس لياري گينگ وار جي ٽن ڏهارين سميت 4 جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته لياري گينگ وارجي جوابدارن وٽان دستي بم ۽ هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن.

ڪورنگي پوليس کوکرا پار واري علائقي ۾ مبينا مقابلي ۾ لياري گينگ وار جي اهم جوابدار رجب عرف حاجي کي گرفتار ڪري ورتو.

ايس ايس پي ابرار حسين نيڪوڪارا  موجب، گرفتار جوابدار جو تعلق لياري گينگ وار جي سهيل ڏاڏا گروپ سان آهي، جوابدار جي قبضي مان هٿيار هٿ ڪيا.

ايس ايس پي موجب، جوابدار جي نشاندهي تي وڌيڪ ڏوهارين خلاف ڪارروائي ڪئي پئي وڃي.

لياري جي لي مارڪيٽ جي دوڌ والي گلي ۾ پوليس مقابلو ڪري گينگ وار جي ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو.

پوليس موجب، جوابدار واپارين کان ڀتو وصول ڪري رهيا هئا ته ساڻن مقابلو ٿيو، فائرنگ جي ڏي وٺ بعد ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو.

پوليس موجب، گرفتار جوابدارن جو تعلق لياري گينگ وار جي شيراز ڪامريڊ گروپ سان آهي، سندن قبضي مان دستي بم ۽هٿيار هٿ ڪيا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*