سنڌ سميت سڄي دنيا ۾ اڄ ٻارڙن جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي

سنڌ سميت سڄي دنيا ۾  اڄ ٻارڙن جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي، پاڪستان توڙي ٻين ملڪن ۾ مفلسي ٻارڙن کي مزدور بڻائي ڇڏيو آهي.

سڄي دنيا ۾ اڄ ٻارڙن جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي، غربت سبب پنهنجي خاندان جو پيٽ پالڻ لاءِ ڪيترائي ٻارڙا شهرن ۾ مزدوري ڪري پنهنجو گذر سفر ڪن ٿا.

ننڍي عمر  ۾ پورهيو ڪندڙ ٻارڙن کي تشدد سان گڏو گڏ ٻين انيڪ مسئلن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، جڏهن ته اڪثر ٻارڙن کي دنيا جون ڇڙٻون به ذهني مريض بڻائي ڇڏين ٿيون.

پاڪستان سميت دنيا جي اڪثر ملڪن ۾ ٻارڙن کي تحفظ نه ملڻ  سبب سندن  زندگي عذاب بڻجي وئي آهي.

خاندان جو پيٽ پالڻ ٻارڙن کي پورهيو ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته اڪثر ٻارڙا پڙهڻ لکڻ واري عمر ۾ جبري پورهيو  ڪري رهيا آهن.

ٻارڙن جي عالمي ڏينهن تي ٿر پاڪر ۾ به حالتون مختلف ناهن ،ڪٿي ٻارڙا جبري پورهيو ڪرڻ تي مجبور آهن، ته وري ٿر ۾ بُک، بدحالي ۽ مختلف بيمارين جي ور چڙهيل ٻارڙن جي موت جو سلسلو به جاري آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*