ڪسٽم عدالت جو جج راڻا آفتاب احمد خان موڪل تي هئڻ سبب ايان علي مٿان اڄ به فرد جرم لاڳو نه ٿي سگهيو

Ayyan-Ali--13-7

 ڪسٽم عدالت جو جج راڻا آفتاب احمد خان موڪل تي هئڻ سبب ايان علي مٿان اڄ به فرد جرم لاڳو نه ٿي سگهيو، بينڪنگ ڪورٽ ماڊل جي جڊيشل رمانڊ ۾ واڌ ڪندي فرد جرم لاءِ 27 جولاءِ جي تاريخ مقرر ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته عدالتي ۾ پيشيءَ دوران ايان علي کي مداحن پاران عيد ڪارڊ سميت ٻيا تحفا ڏنا ويا.

ڪسٽم عدالت  جو جج راڻا آفتاب  احمد خان موڪل تي هئڻ سبب ماڊل ايان علي کي بينڪنگ ڪورٽ جي ڊيوٽي جج صابر سلطان آڏو پيش ڪيو ويو.

بينڪنگ ڪورٽ جي جج ريمارڪس ۾ چيو ته ڪسٽم عدالت جو جج موڪل تي هئڻ سبب ايان علي مٿان فرد جرم لاڳو نٿو ڪري سگهجي، ٽرائل ڪورٽ ئي فرد جرم جي ڪارروائي هلائيندي.

عدالت، ايان علي جي جڊيشل رمانڊ ۾ واڌ ڪندي فرد جرم لاءِ 27 جولاءِ جي تاريخ مقرر ڪري ڇڏي آهي.

ايان علي جي پيشيءَ جي موقعي تي سندس مداحن پاران کيس عيد ڪارڊ ۽ ٻيا تحفا ڏنا ويا.

واضح رهي ته ايان علي کي 14 مارچ تي اسلام آباد جي بينظير انٽرنيشنل ايئرپورٽ تان گرفتار ڪيو ويو هو………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*