خيبر پختونخواهه جي برطرف صوبائي وزير ضياءَ الله آفريدي گرفتاري خلاف پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي

Zia-ullah-Afridi

خيبر پختونخواهه جي برطرف صوبائي وزير ضياءَ الله آفريدي گرفتاري خلاف پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي.

ضياءَ الله آفريدي جي ڀاءُ پاران پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي وئي، جنهن ۾ احتساب ڪميشن کي ڌر بڻايو ويو آهي.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته ضياءُ الله آفريدي خلاف نيب اڳ ئي جاچ ڪري رهيو آهي، ان باوجود احتساب ڪميشن کيس گرفتار ڪيو آهي.

درخواستگذار موجب، خيبرپختونخواهه ۾ احستاب ڪميشن جو قيام غير قانوني طريقي سان عمل ۾ آندو ويو آهي، عدالت کي استدعا آهي ته ضياءَ الله آفريدي جي گرفتاري آرٽيڪل 4 ۽ 9 جي خلاف قرار ڏئي کيس باعزت آزاد ڪيو وڃي.

واضح رهي ته احتساب ڪميشن ڪجهه ڏينهن اڳ پي ٽي آءِ سان تعلق رکندڙ معدنيات واري صوبائي وزير ضياءُ الله آفريدي کي ڪرپشن ۽ اختيارن جي ناجائز الزامن هيٺ گرفتار ڪيو هو، جنهن بعد پارٽي پاران کيس وزارت تان برطرف ڪيو ويو هو……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*