ڪـَي اليڪٽرڪ، ڪراچي ۾ بجلي جي ڊگهي بريڪ ڊائون تي نيپرا ۾ رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي آهي

KElectric-13-7

 ڪـَي اليڪٽرڪ، ڪراچي ۾ بجلي جي ڊگهي بريڪ ڊائون تي نيپرا ۾ رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي آهي، جنهن ۾ وضاحت ڪئي وئي آهي ته شهر ۾ بجلي جو ڪو به ڊگهو بريڪ ڊائون ناهي، ذريعن سان بجلي پيداوار وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

نيپرا پاران ڪراچي ۾ بجلي جي ڊگهي بريڪ ڊائون تي ڪي اليڪٽرڪ کي ڏنل مهلت اڄ ختم ٿي رهي آهي، ڪراچي اليڪٽرڪ پاران نيپرا جي هدايتن تي وضاحتي رپورٽ جمع ڪرائي وئي آهي.

ڪي اليڪٽرڪ رپورٽ ۾ چيو آهي ته بجلي جي پيداوار لاءِ کين گهربل مقدار ۾گئس نه پيو ملي.

رپورٽ موجب، ڪراچي ۾ ڪٿي به بجلي جو ڊگهو بريڪ ڊائون ناهي ٿيو، بجلي پيداواري جا سمورا ذريعا استعمال ڪيا پيا وڃن.

ڪي اليڪٽرڪ چيو ته سندن ٽرانسميشن سسٽم ۾ ڪو به مسئلو ناهي ۽ جتي به بجلي جي خرابي ٿي رهي آهي، ان کي فوري طور تي حل ڪيو پيو وڃي.

 ذريعن موجب، نيپرا ڪي اليڪٽرڪ جي رپورٽ تي بي اعتمادي ظاهر ڪندي چيو آهي ته ڪي اليڪٽرڪ جو جواب زميني حقيقتن کان ابتڙ آهي.

 ذريعن موجب، ڪي اليڪٽرڪ خلاف سيڪشن 28 تحت ڪارروائي  ڪري سگهجي، جنهن تحت 10 ڪروڙ رپين جو ڏنڊ به لاڳو ٿي سگهي ٿو.

نيپرا ذريعن موجب، سيڪشن 28 تحت ڪي اليڪٽرڪ کي ٽيڪ اوور به ڪري سگهجي ٿو……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*