چوماسي جي برساتن کانپوءِ ملڪ جي مختلف دريائن ۽ ڊيمن ۾ پاڻي جي سطح وڌڻ لڳي آهي، منگلا ڊيم ۾ پاڻي جي سطح مقرر حد کان 11 فوٽ هيٺ رهجي وئي آهي

چوماسي جي برساتن کانپوءِ ملڪ جي مختلف دريائن ۽ ڊيمن ۾ پاڻي جي سطح وڌڻ لڳي آهي، منگلا ڊيم ۾ پاڻي جي سطح مقرر حد کان 11 فوٽ هيٺ رهجي وئي آهي.

ارسا اختيارين موجب، دريائن ۽ ڊيمن ۾ پاڻي جي سطح مسلسل بلند ٿي رهي آهي، سنڌو درياءَ ۾ تربيلا واري هنڌ پاڻي جي آمد 2 لک 71 هزار ۽ نيڪال 2 لک 32 هزار ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو.

ڪالاباغ واري هنڌ پاڻي جي آمد 3 لک 39 هزار ۽ نيڪال 3 لک 31 هزار ڪيوسڪ تائين پهچي ويو آهي.

ارسا موجب، تونسا  بيراج ۾ پاڻي جي آمد هڪ لک 96 هزار ۽ نيڪال هڪ لک 78 هزار ڪيوسڪ آهي، جڏهن ته چشمه بيراج ۾ پاڻي جي سطح به بلند ٿي وئي آهي.

چناب درياءَ ۾ هيڊ مراله واري هنڌ پاڻي جي آمد هڪ لک 45 هزار ڪيوسڪ ۽ نيڪال هڪ لک 15 هزار ڪيوسڪ تائين نوٽ ڪيو ويو.

هيڊ پنجند جي هنڌ تي پاڻي جي آمد 72 هزار نيڪال 52 هزار آهي، جڏهن ته هيڊ قادر آباد مان پاڻي جي آمد هڪ لک 55 هزار ڪيوسڪ تائين پهچي وئي آهي.

ڪابل درياءَ ۾ نوشهره جي هنڌ پاڻي جي آمد 84 هزار  ۽ ورسڪ واري هنڌ 50 هزار 495 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪئي وئي.

ارسا موجب، منگلا ڊيم ۾ پاڻي جي سطح 12 سئو فوٽ تائين پهچي چڪي آهي ۽ پاڻي مقرري حد کان 11 فوٽ گهٽ رهجي ويو آهي…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*