ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت صفوران سانحي جي ٽن جوابدارن جي رمانڊ ۾ ٻن ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي آهي

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت صفوران سانحي جي ٽن جوابدارن جي رمانڊ ۾ ٻن ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي آهي، ڪراچي جي عدالت ۾ بوهري جماعت خاني ٻاهران بم ڌماڪي ڪيس ۾ صفوران سانحي جي ٻن جوابدارن جي سڃاڻپ ڪئي وئي.

سچل پوليس صفوران سانحي جي جوابدارن سعد عزيز، اسد رحمان ۽ طاهر حسين کي عدالت ۾ پيش ڪيو.

پوليس عدالت کي استدعا ڪئي ته جوابدار اسد رحمان جي سڃاڻپ پريڊ ڪرائڻي آهي، ان ڪري رمانڊ ۾ واڌ ڪئي وڃي.

عدالت  پوليس جي درخواست منظور ڪندي  ٽنهي جوابدارن کي ٻن ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي.

15 مارچ 2015 تي ڪراچي ۾ بوهري جماعت خاني ٻاهران ٿيل بم ڌماڪي واري ڪيس ۾ ٻن جوابدارن  طاهر حسين ۽ سعد عزيز کي سڃاڻپ پريڊ لاءِ جڊيشل مئجسٽريٽ ڏکڻ جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.

ٻنهي جوابدارن جي هڪ شاهد بوهري جماعت خاني ٻاهران ڌماڪو ڪندڙن طور سڃاڻپ ڪئي.

ٻنهي جوابدارن عدالت پيشي دوران سڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا هئا.

ساڳيائي جوابدار صفوران سانحي ۾ به ملوث آهن…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*