بجلي جي لوڊشيڊنگ ۽ سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿيڻ خلاف لاڙڪاڻي، خيرپور ناٿن شاهه ۽ کپري ۾ احتجاجي مظاهرا ڪياويا

بجلي جي لوڊشيڊنگ ۽ سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿيڻ خلاف لاڙڪاڻي، خيرپور ناٿن شاهه ۽ کپري ۾ احتجاجي مظاهرا ڪياويا، ڀريا روڊ ۾ سيپڪو عملدارن ڪارروائي ڪندي هڪ سئو کان وڌيڪ غير قانوني ڪنيڪشن ڪاٽي چئن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو.

لاڙڪاڻي ۾ ايوب ڪالوني جي رهواسين بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ۽ سڙي ويل ٽرانسفارمر تبدين نه ٿيڻ خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو.

خيرپور ناٿن شاهه جي شهباز ڪالوني، مدينا ڪالوني، مير محلا ۽ ٻين علائقي جا سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿيڻ خلاف شهرين ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو.

کپري شهر سميت مختلف ڳوٺن ۾ بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف شهرين علي گوهر مڱريو، غلام نبي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شهيد چوڪ تي ڌرڻو هڻي احتجاج ڪيو.

مظاهرين چيو ته ڳرا بل ادا ڪرڻ باوجود بجلي جي 18 کان 20 ڪلاڪن جي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي، سڙي ويل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿيڻ ڪري رهواسين سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن.

احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته سڙي ويل ٽرانسفارمر تبديل ڪري بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو سلسلو بند ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

ڀريا روڊ جي مختلف علائقين ۾ سيپڪو عملدارن ڪارروائي ڪري 100 کان وڌيڪ بجلي جا غير قانوني ڪنيڪشن ڪاٽي ڇڏيا.

سيپڪو نوشهروفيروز جي انجنيئر نثار احمد جو چوڻ هو ته ڪارروائي دوران چئن ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويوآهي، بجلي چوري ڪندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري رکيو ويندو………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*