ميرپورخاص ۾ اينٽي ڪرپشن ٽيم ڊي ايڇ او آفيس تي ڇاپو هڻي 234 جعلي ڀرتين جو رڪارڊ هٿ ڪري ورتو

ميرپورخاص ۾ اينٽي ڪرپشن ٽيم ڊي ايڇ او آفيس تي ڇاپو هڻي 234 جعلي ڀرتين جو رڪارڊ هٿ ڪري ورتو.

اينٽي ڪرپشن جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر جي اڳواڻي ۾ ٽيم ڊي ايڇ او آفيس تي ڇاپو هنيو ته سمورو عملو فرار ٿي ويو.

اينٽي ڪرپشن ٽيم ڪارروائي دوران سمورو رڪارڊ هٿ ڪري ورتو.

اينٽي ڪرپشن پوليس موجب، ڊي ايڇ او آفيس کي 40 ملازم ڀرتي ڪرڻا هئا پر رڪارڊ مان ڄاڻ ملي آهي ته 234 جعلي ڀرتيون به ٿيون آهن.

اينٽي ڪرپشن ٽيم موجب، جاچ ڪئي ويندي ته جعلي ڀرتيون ٿيل ملازمن پگهارون کنيون آهن يانه؟

اينٽي ڪرپشن موجب، معاملي جي وڌيڪ جاچ لاءِ ٽريزري عملي کان به پڇا ڳاڇا ڪئي ويندي………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*