سپريم ڪورٽ، موبائيل ڪمپنين جي گري ٽريفڪنگ واري ڪيس ۾ حڪومت ۽ ٽيليڪام ڪمپنين کان 23 جولاءِ تائين جواب طلب ڪري ورتو آهي

سپريم ڪورٽ، موبائيل ڪمپنين  جي گري ٽريفڪنگ واري ڪيس ۾ حڪومت ۽ ٽيليڪام ڪمپنين کان 23 جولاءِ تائين جواب طلب ڪري ورتو آهي.

جسٽس جواد ايس خواجه ۽ جسٽس دوست محمد کوسا تي ٻڌل سپريم ڪورٽ جي 2 رڪني بينچ ٽيلي ڪام ڪمپنين پاران عوام کي معياري سهولتون نه ڏيڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته گري ٽريفڪنگ ذريعي موبائيل ڪمپنين پاران گهربل معياري سهولتون فراهم نه پيون ٿين.

 جسٽس جواد ايس خواجه ريمارڪس ڏنا ته ٻين ملڪن ۾ سمز وڪرو ناهن ٿينديون پري هتي ٽوڪرين جي صورت ۾ وڪرو ٿي رهيون آهن.

جسٽس جواد ايس خواجه ريمارڪس ۾ گري ٽريفڪنگ جي ذريعي سمنڊ پار ڪستانين کي اربين رپين جو نقصان ٿيو.

ٻڌڻيءَ دوران عدالت ۾ ٽيلڪام ڪمپنين پاران رپورٽ پيش ڪئي وئي، جنهن تي عدالت بي اعتمادي ظاهر ڪري ڇڏي.

عدالت،ايندڙ ٻڌڻي تي ٻيهر رپورٽ ڏيڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي 23 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*