ملڪي سالميت خلاف بيان ڏيڻ تي تحريڪ انصاف، متحده جي سربراهه الطاف حسين خلاف پنجاب اسيمبلي ۾ ٺهراءُ جمع ڪرائي ڇڏيو

 ملڪي سالميت خلاف بيان ڏيڻ تي تحريڪ انصاف، متحده جي سربراهه الطاف حسين خلاف پنجاب اسيمبلي ۾ ٺهراءُ جمع ڪرائي ڇڏيو، جنهن ۾ متحده سربراهه کي انٽرپول ذريعي ڏيهه واپس گهرائڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي.

پنجاب اسيمبلي ۾ تحريڪ انصاف سان واسطو رکندڙ اپوزيشن ليڊر محمود الرشيد پاران ايم ڪيو ايم سربراهه الطاف حسين خلاف ٺهراءُ جمع ڪرايو ويو.

ٺهراءَ ۾ چيو ويو ته سڪيورٽي ادارن خلاف الطاف حسين جا بيان مذمت جوڳا آهن.

ٺهراءَ جي متن موجب، الطاف حسين ڊگهي عرصي کان سڪيورٽي ادارن خلاف ڳالهائي رهيو آهي، الطاف حسين کي انٽرپول ذريعي ڏيهه واپس آندو وڃي………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*