انڊين پريميئر ليگ ۾ ڪرپشن ۽ جوا جا الزام ثابت ٿيڻ تي چنائي سپر ڪنگز ۽ راجسٿان رائلز تي ٻن سالن لاءِ پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي

 انڊين پريميئر ليگ ۾ ڪرپشن ۽ جوا جا الزام ثابت ٿيڻ تي چنائي سپر ڪنگز ۽ راجسٿان رائلز تي ٻن سالن لاءِ پابندي لاڳو  ڪئي وئي آهي، جڏهن ته سي ايس ڪي جي مالڪ گرو ناٿ  مياپن ۽ راجسٿان رائلز جي مالڪ راج ڪـُندرا مٿان ڪرڪيٽ سرگرمين ۾ حصو وٺڻ تي تاحيات پابندي مڙهي وئي آهي.

ڀارتي سپريم ڪورٽ، لوڌا ڪميشن جي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن مطابق آءِ سي سي جي چيئرمين سري نواسن جي ناٺي گرو ناٿ مياپن ۽ راجسٿان رائلز جي شريڪ سربراهه راج ڪندرا تي تاحيات پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.

ڪميشن فيصلو ٻڌائيندي چيو ته آءِ پي ايل جي 2013 واري ايڊيشن ۾ گروناٿ ميان جوا کيڏي، جڏهن ته راج ڪـُندرا جي ڪرپشن ۾ ملوث هئڻ جا ثبوت مليا آهن.

فيصلي موجب، چئاني سپر ڪنگز جو مالڪ گروناٿ مياپن ۽ راجسٿان رائلز جو مالڪ راج ڪندرا ڪرڪيٽ جي ڪنهن به قسم جي سرگرمي ۾ حصو نه وٺي سگهندا.

ڪميشن جي فيصلي موجب، آءِ پي ايل ۾ ڪرپشن سبب راندين جي ساک کي وڏو نقصان پهتو آهي، جنهن جي روشني ۾ راجسٿان رائلز ۽ چنائي سپر ڪنگز تي ٻن-ٻن سالن لاڳو ڪئي وئي آهي.

فيصلي ۾ وضاحت ڪئي وئي آهي ته چنائي سپر ڪنگز تي پابندي سپريم ڪورٽ جي جاچ پينل جي جاچ کانپوءِ لڳائي وئي آهي.

آءِ پي ايل ۾ چنائي سپر ڪنگز جي مسلسل قيات مهيندر ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪپتان سنگهه ڌوني ڪري رهيو آهي، جڏهن ته گذريل سال راجسٿان رائلز جي قيادت آسٽريلوي بيٽسمين اسٽوِ سمٿ ۽ شين واٽسن ڪئي هئي.

واضح رهي ته چنائي سپر ڪنگز 2 ڀيرا آءِ پي ايل جا ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪري چڪي آهي، جڏهن ته راجسٿان رائلز هڪ ڀيرو ايڊم گلڪرسٽ جي قيادت ۾ ڪاميابي حاصل هئي هئي.

ڀارتي ميڊيا موجب، فيصلي کانپوءِ چنائي سپر ڪنگز ۽ راجسٿان رائلز

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*