لاهور هاءِ ڪورٽ، ڪرنسي اسمگلنگ ڪيس ۾ گرفتار سپر ماڊل ايان علي کي ضمانت تي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي

لاهور هاءِ ڪورٽ، ڪرنسي اسمگلنگ ڪيس ۾ گرفتار سپر ماڊل ايان علي کي ضمانت تي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

جسٽس انور الحق جي سربراهي ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ جي 2 رڪني بينچ سپر ماڊل ايان علي جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

وڪيل لطيف کوسا دليل ڏيندي موقف اختيار ڪيو ته پاڪستاني قانون موجب، مقرر حد کان وڌيڪ رقم سان گڏ جهاز ۾ سوار ٿيڻ بعد گرفتار شخص تي مني لانڊرنگ جو قلم لاڳو هوندو آهي پر ايان علي کي ايئرپورٽ تان گرفتار ڪيو ويو هو ۽ کيس بورڊنگ پاس به جاري نه ٿي سگهيو هو.

هن عدالت کي استدعا ڪئي ته ايان علي جي ضمانت منظور ڪري کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي.

ڪسٽم جي وڪيل چيو ته ايان علي وٽ 10 هزار ڊالر کان وڌيڪ رقم کڻي وڃڻ جو اجازت نامو موجود نه هو، تنهن ڪري کيس گرفتار ڪيو ويو.

عدالت، ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد ايان علي کي ضمانت تي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

ايان علي جي وڪيل لطيف کوسا جو چوڻ آهي ته لکت ۾ آرڊر جاري ٿيڻ بعد ضمانتي مچلڪا جمع ڪرايا ويندا ۽ ڪوشش هوندي ته ايان علي عيد پنهنجي گهر وارن سان گڏ ملهائي.

واضح رهي ته ايان علي کي 14 مارچ تي اسلام آباد جي بينظير ايئرپورٽ تان گرفتار ڪيو ويو هو، وٽائنس 5 لک آمريڪي ڊالر هٿ آيا هئا.

ايان علي 5 مهينن کان راولپنڊي جي اڊيالا جيل ۾ قيد آهي، کيس 13 ڀيرا ڪسٽم ۽ بينڪنگ ڪورٽ آڏو پيش ڪيو ويو آهي، جڏهن ته مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ماڊل مٿان 27 جولاءِ تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جي تاريخ مقرر ڪئي وئي آهي…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*