اتر وزيرستان ۾ سڪيورٽي فورسز جي فضائي ڪارروائي جي نتيجي ۾ 14 دهشگرد مارجي ويا

 اتر وزيرستان ۾ سڪيورٽي فورسز جي فضائي ڪارروائي جي نتيجي ۾ 14 دهشگرد مارجي ويا، آءِ ايس پي آر چيو آهي ته مارجي ويلن ۾ دهشتگردن جا اهم ڪمانڊرز به شامل آهن.

آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل بيان موجب، اتر وزيرستان جي علائقي الواره ۾ دهشتگردن جي ٺڪاڻن تي جيٽ جهازن ذريعي بمباري ڪئي وئي.

آءِ ايس پي آر موجب، بمباري جي نتيجي ۾ 14 دهشتگرد مارجي ويا، جن ۾ دهشتگردن جا اهم ڪمانڊرز به شامل  آهن.

آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته بچي ويل دهشتگرد پنهنجي ساٿين جا لاش کڻي فرار ٿي ويا………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*