آرمي چيف جنرل راحيل شريف سان ارجنٽينا جي سفير ملاقات ڪئي آهي

 آرمي چيف جنرل راحيل شريف سان ارجنٽينا جي سفير ملاقات ڪئي آهي، جنهن دوران اسڪردو ۾ پيش آيل هيليڪاپٽر سانحي جي جاچ ۾ اڳڀرائي تي ڳالهيون ڪيون ويون.

آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل بيان موجب، آرمي چيف جنرل راحيل شريف سان جي ايڇ ڪيو راولپنڊي ۾ ارجنٽينا جي سفير  “ڊين روڊ ڊِلفو جي مارٽن” ملاقات ڪئي.

ملاقات دوران پاڪ- ارجنٽينا لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي وارن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

آءِ ايس پي آر موجب، ملاقات دوران ارجنٽينا جي سفير کي اسڪردو جي علائقي نلتر ۾ پيش آيل هيليڪاپٽر سانحي جي جاچ بابت اڳڀرائي ڏني وئي.

آءِ ايس پي آر موجب، ارجنٽينا جي سفير، نلتر هيليڪاپٽر سانحي جي جاچ ۾ اڳڀرائي کي ساراهيو………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*