لاهور هاءِ ڪورٽ گلو بٽ جي سزا جي معطلي ۽ ضمانت تي آزاد ڪرائڻ واري درخواستن کي گڏائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

لاهور هاءِ ڪورٽ، ماڊل ٽائون سانحي جي مـُک ڪردار گلو بٽ جي سزا جي معطلي ۽ ضمانت تي آزاد ڪرائڻ واري درخواستن کي گڏائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي،  27 نومبر تي درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي ويندي.

 لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عبدالسميع ۽ جسٽس صداقت علي تي ٻڌل 2 رڪني بينچ گلو بٽ جي سزا جي معطلي ۽ ضمانت تي آزاد ڪرائڻ بابت درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي.

گلو بٽ جي وڪيلن موقف اختيار ڪيو هو ته دهشتگردي ٽوڙ عدالت، گلو بٽ کي قانون ۽ حقيقتن جي ابتڙ سزا ٻڌائي آهي، عدالت پنهنجي فيصلي ۾ قانوني گهرجون پوريون ناهن ڪيون.

وڪيلن عدالت کي استدعا ڪئي آهي ته سزا معطل ڪري گلو بٽ کي ضمانت تي آزاد ڪيو وڃي.

عدالت، گلوبٽ جي ٻنهي درخواستن کي گڏ ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته 27 نومبر تي درخواستن کي گڏائي ٻڌڻي ڪئي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*