لاهور هاءِ ڪورٽ، بزرگ پينشنرز کي رقم جي ادائيگي نه ٿيڻ تي پنجاب جي ناڻي واري سيڪريٽري کي اڄ ئي طلب ڪري ورتو

لاهور هاءِ ڪورٽ، بزرگ پينشنرز کي رقم جي ادائيگي نه ٿيڻ تي پنجاب جي ناڻي واري سيڪريٽري کي اڄ ئي طلب ڪري ورتو، عدالت ريمارڪس ۾ چيو آهي ته حڪمن تي عمل ڪرائڻ ڄاڻون ٿا، ڇو نه ناڻي واري سيڪريٽري تي فرد جرم لاڳو ڪيو وڃي.

جسٽس منصور علي شاهه جي سربراهي ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ جي بينچ بزرگ پينشنرز کي رقم جي ادائيگي نه ڪرڻ خلاف درخواست تي  ٻڌڻي  ڪئي.

بزرگ پينشنرز وڪيل معرفت موقف اختيار ڪيو ته لاهور هاءِ ڪورٽ جي حڪم باوجود کين رقم جي ادائيگي ناهي ڪئي وئي، هو ڌڪا کائڻ تي مجبور آهن.

عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته حڪمن تي عمل نه پيو ٿئي پر عدالت پنهنجي آرڊرز تي عمل ڪرائڻ ڄاڻي ٿي.

 جسٽس منصور علي شاهه ريمارڪس ۾ چيو ته ڇو نه ناڻي واري سيڪريٽري مٿان فرد جرم لاڳو ڪيو وڃي.

عدالت، پنجاب جي ناڻي واري سيڪريٽري کي اڄ ئي طلب ڪندي ٻڌڻيءَ ۾ وقفو ڪري ڇڏيو………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*