پاڪستان تحريڪ انصاف ايم ڪيو ايم سربراهه الطاف حسين جي فوج بابت بيانبازي خلاف سنڌ اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ مذمتي ٺهراءُ جمع ڪرائي ڇڏيو آهي

پاڪستان تحريڪ انصاف  ايم ڪيو ايم سربراهه الطاف حسين جي فوج بابت بيانبازي خلاف سنڌ اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ مذمتي ٺهراءُ جمع ڪرائي ڇڏيو آهي، اڳواڻن جو چوڻ آهي ته وقت اچي ويو آهي ته خوف جو بٽ ڊاٿو وڃي.

پي ٽي آءِ  خرم شير زمان ۽ ثمر علي خان عارف علي سان گڏجي  سنڌ اسيمبلي سيڪريٽريٽ پهچي متحدا سربراهه خلاف مذمتي ٺهراءُ جمع ڪرايو.

سنڌ اسيمبلي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائندي عارف علوي، ثمر علي ۽ خرم شير زمان چيو ته فوج ۽ رينجرز خلاف سازشون ٿي رهيون آهن.

هنن چيو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن خلاف ڳالهائڻ جي هو سخت لفظن ۾ مذمت ڪن ٿا.

پي ٽي آءِ اڳواڻن جو چوڻ هو ته الطاف حسين جي تقريرن تي پابندي لڳائي وڃي.

هنن چيو ته وفاقي سرڪار ايم ڪيو ايم خلاف ڪارروائي نه پئي ڪري.

عارف علوي جو چوڻ هو ته نائن زيرو تان وڏي تعداد ۾ هٿيار مليا پر الطاف حسين چيو ته 90 سيڪڙو هٿيار لائسنس وارا آهن.

عارف علي جو چوڻ هو ته هو ان معاملي تي برطانيا جي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر سان ملي چڪو آهي ۽ ٻيهر به ان سان ملاقات ڪري کيس الطاف حسين جي معاملي تي ڳالهائيندس.

ثمر علي ۽ خرم شير زمان جو چوڻ هو ته پ پ ۽ ايم ڪيو ايم جو ڳٺ جوڙ آهي.

پي ٽي آءِ اڳواڻن جو چوڻ هو ته الطاف حسين لنڊن ۾ ويهي چڙ ڏياريندڙ بيان ڏئي رهيو آهي هاڻ وقت اچي ويو آهي ته خوف جو بت ڊاٿو وڃي……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*