سنڌ هاءِ ڪورٽ مڪاني ادارن ۾ تڪبنديون اليڪشن ڪميشن بدران سرڪاري آفيسرن کان ڪرائڻ خلاف توهين عدالت واري درخواست تي سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه، آغا سراج دراني، شرجيل ميمڻ ۽ ٻين ڪامورن کي 13 آگسٽ لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن

سنڌ هاءِ ڪورٽ مڪاني ادارن ۾ تڪبنديون اليڪشن ڪميشن بدران سرڪاري آفيسرن کان ڪرائڻ خلاف توهين عدالت واري درخواست تي سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه، آغا سراج دراني، شرجيل ميمڻ ۽ ٻين ڪامورن کي 13 آگسٽ لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس فيصل عرب ۽ جسٽس حسن فيروز تي ٻڌل بئنچ ظفر علي شاهه ۽ ٻين جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

 درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته عدالت تڪبنديون اليڪشن ڪميشن کان ڪرائڻ جو حڪم ڏنو پر سنڌ سرڪار تڪبندين واري عمل ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ مختيار ڪارن کي شامل ڪيو آهي، جيڪا توهين عدالت آهي.

عدالت اهڙي درخواست تي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه، آغا سراج دراني، شرجيل ميمڻ، قانون، مڪاني ادارن، سنڌ اسيمبلي ۽ ٻين کاتن جي سيڪريٽريز کي 13 آگسٽ لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*