ڪرنسي اسمگلنگ ڪيس ۾ گرفتار سـُپر ماڊل ايان علي کي عدالتي وقت ختم ٿيڻ تائين ضمانتي مچلڪا جمع نه ڪرائڻ سبب اڄ به آزادي نه ملي سگهي

ڪرنسي اسمگلنگ ڪيس ۾ گرفتار  سـُپر ماڊل ايان علي کي عدالتي وقت ختم ٿيڻ تائين ضمانتي مچلڪا جمع نه ڪرائڻ سبب اڄ به آزادي نه ملي سگهي، جڏهن ته لاهور هاءِ ڪورٽ لکت ۾ فيصلو جاري ڪندي چيو آهي ته ايان علي تي مني لانڊرنگ جو الزام ثابت ناهي ٿي سگهيو.

لاهور هاءِ ڪورٽ پاران ضمانت منظور ٿيڻ بعد ايان علي کي اڄ آزادي ڪرڻ جو امڪان هو پر وڪيلن پاران ضمانتي مچلڪا جمع نه ڪرائڻ سبب ايان علي کي آزادي نه ملي سگهي.

 ڪسٽم عدالت ۽ ڊيوٽي جج جو وقت ختم ٿيڻ تائين ايان علي جي وڪيلن پاران پنج-پنج لک رپين جا مچلڪا جمع نه ڪرايا ويا، جنهن سبب ايان علي جي آزادي سڀاڻي تائين ملتوي ڪئي وئي آهي.

ايان علي جي وڪيلن جو چوڻ آهي ته لاهور هاءِ ڪورٽ جو لکت ۾ ملي ويو آهي، سڀاڻي تائين ضمانتي مچلڪا جمع ڪرايا ويندا.

هوڏانهن لاهور هاءِ ڪورٽ جي 2 رڪني بينچ ايان علي جي ضمانت واري درخواست تي 2 رڪني فيصلو ٽن صفحن تي ٻڌل لکت ۾ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي.

لاهور هاءِ ڪورٽ فيصلي ۾ چيو آهي ته ايان علي خلاف ڪيس ڪرنسي اسملنگ جو آهي، مٿس مني لانڊرنگ جو الزام ثابت ناهي ٿي سگهيو.

واضح رهي ته واضح رهي ته ايان علي کي 14 مارچ تي بينظير انٽرنيشنل ايئرپورٽ اسلام آباد وٽان گرفتار ڪيو ويو هو، وٽائنس 5 لک آمريڪي ڊالر به مليا هئا………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*