برطانوي اخبار دعويٰ ڪئي آهي ته تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي گهرواري ريحام خان پنهنجي ڊگري بابت غلط بياني ڪئي آهي

برطانوي اخبار دعويٰ ڪئي آهي ته تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي گهرواري ريحام خان پنهنجي ڊگري بابت غلط بياني ڪئي آهي، اها جنهن ڪاليج مان ڊگري حاصل ڪرڻ جي دعويٰ ڪري پئي، اهو ڪاليج جرنلزم جي ڊگري جاري ئي ناهي ڪندو، جڏهن ته ريحام خان برطانوي اخبار جي الزامن جو جواب ڏيڻ بدران پاڪستان ميڊيا تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي.

هڪ برطانوي اخبار پنهنجي رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي آهي ته ريحام خان جنهن نارٿ لــِنڊســَي ڪاليج مان براڊ ڪاسٽ جرنلزم جي ڊگري حاصل ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، اهو ڪاليج براڊ ڪاسٽ جرنلزم جو ڪورس ئي نه ڪرائيندو آهي ۽ نه ئي ڪاليج ۾ ريحام خان نالي ڪا شاگردياڻي داخل هئي.

برطانوي اخبار موجب، نارٿ لنڊسي ڪاليج ۾ ريحام خان جي نالي، ڄم جي تاريخ ۽ داخلا جي تاريخ جو رڪارڊ چيڪ ويو پر ان نالي سان ڪو به رڪارڊ نه مليو.

نارٿ لنڊسي ڪاليج انتظاميه پڻ اخبار سان ڳالهائيندي ٻڌايو آهي ته ڪاليج صحافت بابت ڪو به ڪورس ناهي ڪرائيندي ۽ نه ئي جرنلزم جي ڊگري جاري ڪندي آهي، ان حوالي سان ويب سائيٽ تي سڀ ڪجهه واضح آهي.

ريحام خان پنهنجي آفيشل ويب سائيٽ تي برطانيه جي نارٿ لنڊسي ڪاليج مان براڊ ڪاسٽ جرنلزم ۾ پوسٽ گريجوئيٽ جي ڊگري حاصل ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي هئي ۽ ان تعليمي بنياد تي هوءِ پهريان برطانيه ۾ صحافت ڪندي هئي ۽ هاڻي پاڪستان ۾ صحافت ڪري رهي  آهي.

برطانوي اخبار جي رپورٽ کانپوءِ ريحام خان ٽن ڪلاڪن بعد سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ پاڪستاني ميڊيا تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو پر هن اخبار پاران لڳايل الزامن جو ڪو به جواب ناهي ڏنو.

ريحام خان چيو ته هوءَ اهڙي ئي رويي جي ڪري برطانوي اخبار ڊيلي ميل ناهي پڙهندي ۽ نه ئي پاڪستاني چيلنجز ڏسندي آهي، سندس اهڙو فيصلو اڄ صحيح ثابت ٿي آهي.

واضح رهي ته ساڳي ئي اخبار ان کان اڳ عمران خان ۽ ريحام خان جي ڳجهه ڳوهه ۾ شادي جي خبر پڻ بريڪ هئي هئي………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*