ڪراچي جي علائقي گلشن بونير ۾ رينجرز سان مقابلي دوران تحريڪ طالبان جو هڪ دهشتگرد مارجي ويو

ڪراچي جي علائقي گلشن بونير ۾ رينجرس سان مقابلي دوران تحريڪ طالبان سان واسطو رکندڙ هڪ دهشتگرد  قاري عبد الرحمان مارجي ويو، جڏهن ته پوليس بلاول ڪالوني واري علائقي مان 3ڌاڙيلن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

رينجرز ترجمان موجب گلشن بونير ۾ مقابلي دوران هڪ دهشتگرد قاري عبدالرحمان مارجي ويو، جنهن جو واسطو تحريڪ طالبان سان هو.

پوليس بلاول ڪالوني ٿاڻي جي حد مان 3 ڌاڙيلن صدام، طاهر ۽ امير کي مقابلي بعد گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار ٿيل ڌاڙيل مختلف ڪيسن ۾ گهربل آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*