سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ عيدالفطر مذهبي جوش ۽ جذبي سان ملهائي پئي وڃي، ننڍن وڏن شهرن وستين واهڻن ۾ عيد نماز جي اجتماعن کانپو

سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ عيدالفطر مذهبي جوش ۽ جذبي سان ملهائي پئي وڃي، ننڍن وڏن شهرن وستين واهڻن ۾ عيد نماز جي اجتماعن کانپوءِ ماڻهو پنهنجي مٽن مائٽن ۽ دوستن سان ميل ميلاپ ۾ رڌل آهن.

عيد الفطر جي شروعات تي سنڌ سميت ملڪ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ عيد نماز جا اجتماع ٿيا، وڏن شهرن ۾ عيدگاهن، مسجدن ۽ کليل ميدانن ۾ عيد نماز ادا ڪئي وئي.

ڪراچي، حيدرآباد، ڪوئٽا، پشاور ۽ ٻين شهرن ۾ عيد نماز جي اجتماعن جي سيڪيورٽي لاءِ سخت انتظام ڪيا ويا هئا.

عيد نماز جي ادائگي کانپوءِ ماڻهو پنهنجي مٽن مائٽن سان ميل ميلاپ ۽ عيد واڌاين ۾ رڌل آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*