صدر ممنون حسين اسلام آباد ۾ عيد ملهائي، وزيراعظم نوازشريف، شهباز شريف، آصف زرداري، بلاول ڀٽو زرداري ۽ سراج الحق پرڏيهه ۾ عيد ملهائي، قومي قيادت هم وطنن کي عيد جون واڌايون ڏنيون آهن

صدر ممنون حسين اسلام آباد ۾ عيد ملهائي، وزيراعظم نوازشريف، شهباز شريف، آصف زرداري، بلاول ڀٽو زرداري ۽ سراج الحق پرڏيهه ۾ عيد ملهائي، قومي قيادت هم وطنن کي عيد جون واڌايون ڏنيون آهن.

صدر ممنون حسين اسلام آباد ۾ عيد ملهائي، ايوان صدر ۾ عيد نماز کانپوءِ غريبن، مسڪينن سان عيد مليو، جنهن بعد مختلف اسلامي ملڪن جي سفيرن ساڻس ملاقات ڪئي.

وزيراعظم ميان نوازشريف گذريل ڏينهن مديني شريف ۾ عيد ملهائي، اڄ ڪٽنب سمت جدي پهتو، جتي ڪجهه ڏينهن ترسندو.

پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف لنڊن ۾ عيد الفطر ادا ڪئي.

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، شريڪ چيئرمين آصف زرداري دبئي ۾ ۽ جماعت اسلامي جي سربراهه سراج الحق سعودي عرب ۾ عيد ملهائي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*