آرمي چيف جنرل راحيل شريف عيد وزيرستان ۾ فوجي جوانن سان گڏ ملهائي، آءِ ايس پي آر چيو آهي ته آپريشن ضرب عضب سان ملڪ ۾ امن بحال ٿيو آهي

آرمي چيف جنرل راحيل شريف عيد وزيرستان ۾ فوجي جوانن سان گڏ ملهائي، آءِ ايس پي آر چيو آهي ته آپريشن ضرب عضب سان ملڪ ۾ امن بحال ٿيو آهي.

پاڪ فوج جو سربراهه جنرل راحيل شريف عيد ڏهاڙي وزيرستان پهتو ۽ آپريشن ضرب عضب سبب پنهنجن کان پري عيد ملهائيندڙ فوجي جوانن سان گڏ جي عيد ملهائي.

آرمي چيف فوجي جوانن سان ڀاڪر پائي مليو ۽ کين عيد واڌاين سان گڏ تحفا به ڏنا.

آءِ ايس پي آر جي ڊائريڪٽر جنرل ميجر جنرل عاصم باوجوه چيو آهي ته آپريشن ضرب عضب سان ملڪ ۾ امن قائم ٿيو آهي، دهشتگردن جي مڪمل پاڙ پٽڻ تائين آپريشن جاري رهندو..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*